سائنسي راز

سائنسي راز

سائنسي راز

سائنسي راز (ڪتاب): هي ڪتاب انجنيئر عبدالمالڪ جو تحرير ڪيل آهي. هن ڪتاب جي ابتدا ۾ ليکڪ ’سائنس ۽ انسان‘ جي عنوان سان هڪ نظم شامل ڪيو آهي. هن ڪتاب جا ٻه اکر غلام مصطفيٰ مشتاق جا لکيل آهن. هيءُ ڪتاب مختلف بابن ۽ سوالن جوابن تي مشتمل آهي. سائنسي علمن کي واضح ڪرڻ لاءِ هن ڪتـاب کـي پنجـن بابن: (1) علم بدن، (2) علم حيات، (3) علم فـلـڪـيات، (4) علم طبعيات ۽ (5) علم ڪيميا ۾ ورهايو ويو آهي. ڪتاب ۾ مواد جي نسبت سان چاليهه تصويرون به شامل ڪيون ويون آهن.
پڪي جلد، خوبصورت ٽائيٽل، ڊيمي سائيز جي 114 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب 1992ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي ڪراچي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 30 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو